سيد حاجي محمد حافظ شاهه ٽکڙائي

سيد حاجي محمد حافظ شاهه ٽکڙائي: سيد الهه بخش شاهه جو چوٿون نمبر فرزند ۽ علامه اسدالله شاهه جو ڀاءُ، حافظ شاهه'>سيد حاجي محمد حافظ شاهه، 20 شوال المڪرم، 1287هه/ 1870ع ۾ اڳينءَ ٽکڙ ۾ ڄائو. کيس حافظ يوسف جي مڪتب ۾ ويهاريو ويو، جتي قرآن ڪريم جي پڙهڻ سان گڏ سنڌي ۽ پارسي ۾ به چڱي مهارت حاصل ڪيائين. عربي ”سراجي“ تائين پڙهيو. ٻين سيدن سان گڏ حضرت صاحب خواجه عبدالرحمان سرهنديءَ جو مريد ٿيو. نه رڳو مريد پر حضرت صاحب جن جي مٿس هميشه مهر ۽ قرب جي نظر پڻ رهندي هئي. ساڻس گڏ ڪيترا دفعا ڪوئيٽا، ڪابل ۽ قنڌار وغيره جي سفر تي به ويو هو. حافظ شاهه جيتوڻيڪ نقشبندي هو ۽ نقشبندي طريقي ۾ راڳ ۽ سماع حرام آهي، پر پاڻ راڳ کي روح جي راحت ٿي سمجھيائين. اهو ئي سبب هو جو سندس اوطاق هميشه راڳيندڙن، نڙاين ۽ بانسرين نوازن سان ڀريل رهندي هئي. ڳوٺ جا ماڻهو گھڻو ڪري سندس ئي اوطاق ۾ ڏسبا هئا. ڪڏهن مداري، ڪڏهن ڏور ۽ بيت چوندڙ ته وري ڪڏهن سگھڙ ۽ سچيت ماڻهو سندس اوطاق کي رونق بخشيندا هئا. پرديسي ڳائڻا ۽ سگھڙ ايندا هئا ته گھڻو ڪري سندس ئي اوطاق ۾ رهندا هئا. پنهنجي هم مجلسن سان ايتري قدر ته انس ۽ محبت هوندي هئس جو جيڪڏهن ڪو به سيد سندس ڪنهن ساٿيءَ کي ڪو ڪم ڪار چوندو هو ته کيس ڏاڍو ڏک ٿيندو هو ۽ پاڻ انهيءَ سيد کي چوندو هو ته ”ادا! آءُ ٿو تنهنجو ڪم ڪري اچان باقي منهنجي ڪچهري وارن کي تڪليف نه ڏي.“ جيڪڏهن وٽس روزانو ايندڙ ماڻهو ڪڏهن ڪچهريءَ تي نه آيو ته صبح جو پاڻ انهيءَ جي گھر وڃي خبر چار لهندو هو. کيس بدن جي صفائيءَ جو ڏاڍو خيال رهندو هو. نهايت نازڪ ۽ نفيس لباس پهريندو هو ۽ خوشبو لڳائڻ سان خاص شوق هئس. خوش خلق ۽ رلڻو ملڻو به اهڙو هوندو هو.
اها ڳالهه مشهور آهي ته جڏهن به ٽکڙ ۾ سخت برساتون پونديون هيون، تڏهن انهن سخت برساتن ۾، هڪ شخص، لٺ هٿ ۾، گوڏ ٻڌل، هر ڪنهن غريب جي گھر وڃي سندس خبرگيري ڪندو هو ۽ پنهنجيءَ پڄنديءَ آهر سندن مدد ڪندو هو. اهو هو حافظ شاهه، جنهن جي دل ۾ غريبن ۽ مسڪينن لاءِ ايڏي همدردي هوندي هئي. حافظ شاهه 5 صفر 1337هه/ 1918ع ۾ وفات ڪئي. کيس حضرت صاحب خواجه عبدالرحمان رحه واري مقام ۾ دفن ڪيو ويو. حافظ حامد کان پوءِ جيڪڏهن ڪو ٽکڙ جو شاعر، پنهنجي ڪلام ۾ سوز ۽ درد پيدا ڪري سگھيو آهي يا جنهن جو ڪلام ٻڌڻ يا پڙهڻ سان دل ۾ جذب ۽ ڪيف پيدا ٿي سگھي ٿو ته اهو آهي حافظ شاهه. حافظ شاهه جي شاعري جي ابتدا بابت چيو ٿو وڃي ته هڪ ڏينهن سير و تفريح ڪندي ”جون واهه“ جي ڪناري تي اچي نڪتو ۽ اتي ئي هڪ نازنين دوشيزه ڪپڙا ڌوئيندي سندس دل کي ڌتاري ورتو. سڄڻ جي سڪ ساڻ ڪري روئندو رهيو. بره جي باهه ڀڙڪو کاڌو، ۽ شاه صاحب هميشه لاءِ دل وڃائي ويٺو. لنؤ لڳائڻ لاءِ ته لڪ به ضروري هئي، مگر ماٺ ڪرڻ مان به ته ڪو درد جو درمان ٿي نه ٿي سگھيو. آخرڪار ننگ ۽ ناموس جا مڙئي ٽڳا ٽوڙي ويٺو. کيس ڪنهن سياڻي صلاح ڏني ته: ”تنهنجي مرض جو مداوا حضرت صاحب ئي آهي.“ اها صلاح وٺي، پنهنجي عشق جو احوال پنهنجي پير طريقت اڳيان پيش ڪيائين. حضرت صاحب جن کيس دعا ڪئي ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي سندس سوز شعر جي صورت اختيار ڪئي. مجازي عشق ته اڳ ئي پيدا ٿي چڪو هو، ويتر جو مرشد مٿي تي هٿ ڦيريس ته ان ته سون تي سهاڳي جو ڪم ڪيو. غزل تمام گھٽ، باقي پنهنجي جھوني سنڌي رنگ، مداحن ۽ ڪافين ڏي تمام گھڻي توجهه ڏني اٿس. جڏهن عشق جي اندرين آڳ سندس صبر جو پيمانو لبريز ڪري وجھندي هئي، تڏهن اها آتش هزارين ارمان کڻيو، شعر جي قالب ۾ پلٽجي، سندس زبان مان ٻاهر نڪرندي هئي. موٽيو، عيسو ۽ لونگ شيدي هميشه ساڻ هوندا هئس. پاڻ شعر چوندو ويندو هو ۽ انهن کي ياد به ڪرائيندو ويندو هو. ڪافين جو سر به پاڻ ڪڍندو هو ۽ اول ڪافي به پاڻ ڳائي ٻڌائيندو هو ۽ پوءِ هو سندس پٺيان ڳائيندا هئا. سندس ڪافين ۾ ايتري ڪشش هوندي هئي جو جيڪڏهن هڪ شام جو سندس اوطاق تي ڪا نئين ڪافي ڳائي ويئي ته صبح جو انهيءَ ڪافيءَ جو هڪ يا ٻه بند ڳوٺ جي ٻار ٻچي، پير و جوان جي زبان تي ٻڌبو هو. هاري ۽ ناري، ڪمي ۽ ڪاري، کٽي ۽ ڪوري، مزدور ۽ پورهيت، پنهنجو ڪم ڪار لاهي، اچيو حافظ شاهه جي اوطاق ڀيڙا ٿيندا هئا. عشاءَ جي نماز کان پوءِ مجلس شروع ٿيندي هئي. عيسو، موٽيو ۽ لونگ، واري واري سان يا گڏجي، ڳائڻ شروع ڪندا هئا. ساري محفل تي ڪيف ۽ مستيءَ جو عالم طاري ٿي ويندو هو. شاهه صاحب پاڻ به هنجون پيو هاريندو هو، ته ٻڌندڙن جي نيڻن مان به نار پيا وهندا هئا. حافظ شاهه هڪ عوامي شاعر هو. انهيءَ جو ثبوت اهو ئي ڪافي آهي ته جڏهن سندس ۽ سندس همعصرن جو دور گذريو ۽ ٽکڙ مان اها بهار جي بوءِ ختم ٿي ويئي، ۽ ٻين شاعرن جا بياض سندس بياض وانگي گم ٿي ويا ۽ جڏهن پوئي دور جي اديبن سندس ڪلام جي ڳولا ڪئي تڏهن ماڻهن کي سواءِ حافظ جي ڪافين جي ٻئي ڪنهن به شاعر جي ڪلام مان هڪ يا ٻن بندن کان سواءِ ڪجهه به ياد نه هو. اهو ئي سبب هو جو ماڻهن جي ساڻس ۽ سندس ماڻهن سان محبت هئي. اڄ به سندس صحبتي سندس ڳڻن ڀريون ڳالهيون ڳڻيو، اکين مان آب هارين ٿا. حافظ شاهه جو ڪلام گھڻو ڪري ڪافين جي صورت ۾ آهي. گل ۽ بلبل، خال ۽ خط، باده و جام، ساقي ۽ پير مغان جا خيالي استعارا ۽ افسانا سندس ڪلام ۾ گھٽ نظر اچن ٿا. سندس شعر ۾ ٺيٺ سنڌي لفظ، سنڌي محاورا ۽ تجنيس حرفي گھڻي موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1870.00.00  عيسوي

سيد حاجي محمد حافظ شاهه ، 20 شوال المڪرم ، 1287هه/ 1870ع ۾ اڳينءَ ٽکڙ ۾ ڄائو


1918.00.00  عيسوي

سيد حاجي محمد حافظ شاهه 5 صفر 1337هه/ 1918ع ۾ وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پٺاڻ محمد علي
عبدالغفور مفتون همايوني
رمضان نول
رضا بخاري
داسي ديوي
محمد عثمان جمالي
خوش خير محمد هيسباڻي
بشير احمد سومرو
اطهر منگي
حافظ شاهه ناطق حسيني
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون